عبدالعظيم شاهه جي قبر

عبدالعظيم شاهه جي قبر

عبدالعظيم شاهه جي قبر

عبدالعظيم شاهه جي قبر: عبدالعظيم شاهه عرف خوشحال فقير جي قبر بڙ واري ڍوري، ڳوٺ رمضان جت، ڪڍڻ کان 20 ميل پري، ضلعي بدين ۾ آهي. عبدالعظيم شاهه، شاهه جو گنج جوڙيو هو. اهو گنج ميين اسماعيل کاهوڙيءَ گڏ ڪرايو هو. جيڪو هن جنوري 1793ع ۾ شاهه عبداللطيف جي وفات کان 42 سال پوءِ جوڙيو هو. عبدالعظيم شاهه جي قبر ڳوٺ رمضان جت بڙ واري ڍوري لڳ ضلعي بدين ۾ آهي. قبر اڳئين پاسي کان پڪين سرن جي ٺهيل آهي، جنهن تي ڪتبو لڳل آهي. ڪتبي جي مٿان وڏن اکرن ۾ ‘جامع الڪلام ڀٽائي ’ لکيل آهي. قبرستان زبون آهي. قبر جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن ۾ ويڙهيل آهن ۽ مٽيءَ جي هڪ وڏي ڍير وانگر آهي، جنهن جي مٿان پڙ وڌو ويو آهي. قبر جو صرف اڳيون حصو پڪو آهي. ڪتبي تي لکيل تاريخون پڙهڻ ۾ نٿيون اچن.


لفظ عبدالعظيم شاهه جي قبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو